66

پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) ملوث نڪتي، ڳجها دستاويزات ليڪ

اسلام آباد: (خميس: 01 مئي 2025ع) والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام جي سياحتي هنڌ تي ٿيل فالس فليگ آپريشن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) جي ملوث هجڻ جا دستاويزي ثبوت سامهون اچي ويا.

بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي را جا ڳجها مبينه دستاويز ڪشميري تنظيم ٽي آر ايف طرفان جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ را جا مبينه ليڪ دستاويز ۾ پهلگام فالس فليگ آپريشن جي مڪمل منصوبه بندي موجود آهي.

ليڪ ٿيل دستاويزات ۾ سامهون آيو آهي ته ضلعي اننت ناگ ۾ هڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ميڊيا کي 36 کان 48 ڪلاڪ اڳ واقعي جي جڳهه متحرڪ ڪيو ويندو ۽ سياحن جي آمد رفت جي نگراني جي بهاني فيلڊ آپريٽرز لڳايا ويندا.

ويب سائيٽ تي دستاويزات جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حملي جي 2 کان 4 ڪلاڪن جي اندر اي آءِ سسٽم جي تحت گواهن جا بيان ورتا ويندا، وڊيوز جي مدد سان واقعي جون تصويرون ٻيهر ٺاهيون وينديون، مرڪزي بيش ٽيگ جي بجاءِ 200 کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس مان غلط ڄاڻ جي مهم هلائي ويندي.

ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تي الزام لڳائڻ جي لاءِ ٽرينڊز کي بنا ڪنٽرول جي پکيڙيو ويندو ۽ بحث جو رخ ڪشمير تان هٽائي عالمي اسلامي سازشن طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ويب سائيٽ تي(را) دستاويزارت جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آپريشن آمريڪي  نائب صدر جي ڊي وينس جي سفارتي موجودگي ۾ ڪيو ويندو. واقعي کي اڀارڻ جي لاءِ اهو وقت تمام اهم هوندو. شوپيان ۾ متبادل نظام کي فعال ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت ڳجها دستاويز ليڪ ٿيڻ جي جاچ ڪري رهي آهي، ليڪ ٿيل دستاويز تي  ڪنهن جي به صحيح ٿيل نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں