اسلام آباد: پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪنهن به قسم جو تڪرار ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي فضائيه، بري ۽ بحري فوج ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٿي اسان نٿا چاهيون ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي، بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ڇڪتاڻ ۾ اضافي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ پهلگام واقعي جي آزادانه ۽ اڻڌري جاچ کي يقيني بنايو وڃي.
هن چيو ته 2 ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿئي ته صورتحال محدود چڪرين مان وڌي جنگ جي صورت به اختيار ڪري سگهي ٿي. ڏکڻ ايشيا جي روايتي مخالفن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هميشه ڳڻتي جو سبب بڻجندي آهي.
ياد رهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري سنڌو درياءَ تي هڪ ٻيو حملو ڪيو آهي. چوڻ چاهيندس ته سنڌو درياءَ اسان جو آهي ۽ اهو اسان جو ئي رهندو. هن درياءَ مان اسان جو پاڻي وهندو يا انهن جو رت وهندو.