ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پ پ طرفان ”جشن سنڌو“ جي سري ھيٺ جلسو رٿيو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته ميرپورخاص جي ماڻھن ثابت ڪيو آھي ته اھي جيڪڏھن ڪنھن سان گڏ آھن ته پيپلزپارٽيءَ سان گڏ آھن.
ھن وڌيڪ چيو ته ميرپورخاص جي ماڻھن شھيد بينظير ۽ صدر زرداريءَ جو ساٿ ڏنو ته اسان جمھوريت ماڻي، ميرپورخاص جا ماڻھو قائدعوام سان به گڏ بيٺل ھئا جنھن مزدورن کي سندن حق ڏنا. پيپلزپارٽي سڀ کان پھرين مزدورن، پورھيتن، شاگردن، عورتن، نوجوانن اقليتن، مسلمانن جي حقن جو تحفظ ڪري ٿي.
ھن چيو ته ڌانڌلي جي ڪري اڪثريت ته نه ملي پر ايتري طاقت آهي جو پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جو رستو روڪي سگهان ٿو، جيئن ئي حڪومت ٺھي ته سازشي عناصرن جن سمجھيو ته اسلام آباد ۾ ھڪ فيصلو ٿيو آھي ته سنڌو مان نوان ڪئنال نڪرڻا آھن ته اھي صوبي جا سياسي تيم احتجاج نه پر جشن ملھائي رھيا ھئا، ڇاڪاڻ جو اھي سمجھي رھيا ھئا ته اسان سندن وانگر عوام جي حقن جو سودو ڪريون، ماضيءَ ۾ انھن عناصرن کي تڏھن موقعو مليو جڏھن ھنن غير جمھوري قوتن جو ساٿ ڏنو ۽ ھنن کي جڏھن بھ موقعو مليو ته ھنن عوام جي حقن جو سودو ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي قائدعوام، شھيد ڀٽو، مرد حر زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پارٽي آھي، اسان پنھنجي اصولن تي بيھي وڙھيا آھيون ۽ وڙھندا رھنداسين. ھن چيو ته نگران حڪومت ۾ جڏھن عارف علوي صدر ھو، ان وقت 2 فيصلا ٿيا ھڪ نوان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو ۽ ٻيو ارسا طرفان جڏھن پاڻي موجود نھ ھو ته ان ذريعي سرٽيفڪيٽ ڏياريو ويو ته پاڻي موجود آھي ۽ ڀلي نوان ڪئنال ڪڍو.
بلاول چيو ته نگران حڪومت ۽ ارسا جا 2 فيصلا صدر زرداري جي صدر ٿيڻ کان اڳ ڪيا ويا ھئا.
ھن چيو ته آئون ڄام کان شوري ۽ مراد علي شاهه جو ٿورائتو آھيان، جن پنھنجا عھدا سنڀاليا ته ھنن ايڪٽنگ ۽ ارسا جو ھر فورم تي مقابلو ڪيو ته جيئن سنڌو کي بچائجي.
بلاول چيو ته سي سي آءِ اھو حتمي فورم آھي جتي اھي فيصلا واپس ورتا ويا، سي سي آءِ ۾ اسان جا 2 نمائندا ھئا، باقي مسلم ليگ ۽ پي ٽي جا ھئا، پر صدر زرداري اھو طع ڪيو ته اسان اھي ڪئنال ٺھڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته 27 ڊسمبر تي شھيد بينظير جي ورسيءَ جي موقعي تي صدر زرداري واعدو ڪيو ته سنڌ جو پاڻي ڪيڏانھن نه ويندو، سڀني صوبن کي سندن پنھنجو پنھنجو پاڻي ملندو، پوءِ سياسي يتيمن صدر زرداري خلاف پروپيگنڊا ڪئي ۽ پنھنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، صدر زرداري ته جوائنٽ پارليامينٽ کي خطاب ڪري ڪئنالن جي مخالفت به ڪئي ۽ صدر زرداريءَ جو آواز ٻڌي، پيپلزپارٽيءَ جي جيالن احتجاج تيز ڪيو، اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪئي وئي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بھ آواز اٿاريو ويو.
ھن چيو ته ڪئنال رٿائن خلاف اسان جلسا ڪيا، اسان جو مشن اھو ھو ته اسان سنڌو کي بچايون ۽ اسان عوام سان گڏجي سنڌو کي بچايو آھي. ھن چيو ته سي سي آءِ ۾ ھاڻ ڪو به زور زبردستي ڪري ھڪ صوبي جي خلاف فيصلا نٿو ڪري سگھي، ڪو بھ ھاڻ نوان ڪئنال نه ٺاھي سگھندو.
ھن چيو ته ھزارين سالن کان اسان ھن ڌرتي تي آباد آھيون ته سنڌو جي ڪري، اسان زراعت ڪري رھيا آھيون ته اھا سنڌو جي ڪري آھي، زراعت جيڪا ھن ملڪ جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي، اسان ان شعبي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
بلاول چيو ته مون وڏي وزير کي چيو آھي ته اسان جي ھارين جي مدد ڪري، اسان زرعي شعبي کي بھتر ڪرڻ لاءِ نئون منصوبو تيار ڪري رھيا آھيون. بينظير زراعت ڪارڊ ذريعي ننڍن آبادگارن ۽ ھارين جي مالي مدد ۽ سبسڊي ڏني ويندي ۽ ٻي رٿا تحت ننڍن زميندارن جي ماڊرن ٽيڪنالاجي ذريعي مدد ڪنداسين، ننڍن آبادگارن جا اتحاد جوڙينداسين، جيڪي گڏجي محنت ڪندا.
ھن چيو ته جتي ڪٿي ننڍن زميندارن جا اتحاد جوڙينداسين، ڇاڪاڻ ته ننڍو زميندار وڏا خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگھي، سنڌ حڪومت انھن جي مالي مدد ڪندي، پارٽر بڻجي مدد ڪنداسين ۽ آبادگارن کي جديد ٽيڪنالاجي ڏني ويندي. ھن اھو پڻ چيو ته وڏا وڏا ڪاروبار ڪندڙن کي به اھا اجازت آھي ته اھي گڏجي ڪاروبار ڪن.
ھن چيو ته اسان ڀارت سان زرعي معيشت ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي زراعت کي جديد بڻائينداسين.
ھن چيو ته اسان ڪارپوريٽ فارمنگ نھ ڪنداسين، پبلڪ جديد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت زراعت ۾ انقلاب آڻينداسين. بلاول چيو تھ اسان جي جدوجھد اڃا رُڪي ناھي، سنڌو تي ھاڻ مودي حملو ڪيو آھي، ھاڻ بين الاقوامي سطح تي سنڌو خطري ۾ آھي، ان جو مقابلو ڪنداسين. ڀارت فيصلو ڪيو آھي ته اھو سنڌو طاس ٺاهه کي نٿو مڃي ته اسان وري سندس ان فيصلي کي نٿا مڃون.
بلاول چيو ته سنڌو رڳو درياءَ نه اسان جي ثقافت ۽ تاريخ آھي، انڊس سولائيزيشن سنڌو جي ڪري آھي، ڀارت جي تاريخ به سنڌو جي ڪري آھي، ڀارت جا ماڻھو به ان فيصلي جي مخالفت ڪن، جيڪڏھن ھن حملو ڪيو ته پوءِ سنڌو ۾ يا ته پاڻي وھندو يا اسان جو رت وھندو.
ھن چيو ته آئون دھشتگردي جو ستايل آھيان، جيڪڏھن ڪو دھشتگردي ڪري ٿو ته ڀارت ان کي پڪڙي، پر اجايو پاڪستان تي الزام نه ھڻي، نه ئي اسان ان ۾ ملوث آھيون. ھن چيو تھ پھلگام حملو ھڪ بھانو آھي سنڌو تي حملي ڪرڻ جو، اسان ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪنداسين، اسان جي پاڪ فوج ۾ ايتري ھمٿ آھي جو ھر حملي جو مُنھن ٽوڙ جواب ڏينداسين.