68

ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ سان حادثو، 3 ڄڻا فوت، 15 ڌڪي

نوابشاهه (رپورٽر) ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.نوابشاهه ويجهو ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته کڏر ويجهو موڙ ڪاٽيندي ڪوچ سان حادثو پيش آيو، جڏهن ته حادثي ۾ وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں