80

ڪراچي ۾ پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس جي وڏي نفري پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان جي گهر تي ڇاپو هنيو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ارسلان تاج دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ڪراچي ۾ عالمگير خان جي گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ عالمگير خان جي گهر تي 20 کان وڌيڪ پوليس موبائلون آيون.ارسلان تاج چيو ته پوليس اهلڪارن عالمگير خان جي گهر جي تلاشي ورتي جنهن دوران چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس به پامال ڪيو ويو پر ڇاپي وقت قومي اسيمبلي جا ميمبر گهر ۾ موجود نه هيو.پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن پوليس عالمگير خان جا گرفتاري وارنٽ ڏيکاري ته پاڻ عالمگير کي پيش ڪنداسين.ٻئي طرف پوليس عالمگير خان جي گهر ٻاهران ڪيل ڪارروائي تي اڃا تائين ڪو به بيان ناهي جاري ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں