73

مٺياڻي ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، عورت مارجي وئي، سندس مڙس اغوا

مٺياڻي (رپورٽر) مٺياڻي ويجهو قتل ٿيل عورت جي وارثن جو ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات هٿياربندن گهر تي حملو ڪري شريفان ڀرٽ کي قتل ڪيو، جوابدار عورت جي مڙس صدام حسين کي به اغوا ڪري ويا. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مغوي جي بازيابي لاءِ ڪارروائي نٿي ڪري، ھنن چيو تھ خدشو آهي ته هٿياربند عورت جي مڙس کي به قتل ڪري ڇڏيندا، جڏھن تھ پوليس طرفان ڳالهين ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مغوي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، عورت جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں