84

سنڌوءَ کي سوڪهڙو ورائي ويو، پاڻي جي مجموعي کوٽ 52.1 سيڪڙو رڪارڊ

 ڪراچي (م ڊ) سنڌوءَ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ برقرار، پاڻي جي مجموعي کوٽ 52.1 سيڪڙو رڪارڊ، پاڻي کوٽ گڊو وٽ 76، سکر وٽ 36.7 ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 69.1 سيڪڙو ٿي وئي، ڪوٽڙي بئراج کي 21 هزار 700 مان رڳو 6 هزار 703 ڪيوسڪ پاڻي مليو، گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 66 هزار 863 ۽ ڇوڙ 62 هزار 310 رڪارڊ، سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 44 هزار 381 ۽ ڇوڙ 16 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ لاءِ پاڻي لاسز جي شرح 28 مان وڌائي 38 ۽ پنجاب لاءِ 25 سيڪڙو ڪئي وئي، تربيلا ڊئم اڄ شام تائين ترو وٺندو، ارسا ترجمان چيو آهي ته اسڪردو ۾ گرمي پد گهٽجڻ سبب گلشيئرز نٿا پگهرجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں