66

وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ، اجلاس جي سربراهي ڊپٽي اسپيڪر ڪندو: سپريم ڪورٽ پاران لکت ۾ فيصلو جاري

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جو 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس اعجاز الاحسن لکيو آهي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو سيڪنڊ پول 22 جولاءِ تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندو، سيڪنڊ پول کي ڊپٽي اسپيڪر چيئر ڪندو، اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر پول کانپوءِ باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪندا، ڌرين جي خاطري تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ ترميم ڪري رهيا آهيون.سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته حمزا شهباز ۽ ان جي ڪابينا عدالت کي ڪرايل خاطري موجب صاف شفاف ننڍيون چونڊون ڪرائي، پنجاب جي عوام کي نمائندگي ۽ گورننس جي حقن لاءِ وڏو وزير پنهنجي ذميواري 22 جولاءِ تائين پوري ڪندو، لاهور هاءِ ڪورٽ 27 مئي جي مختصر فيصلي جا تفصيل هڪ هفتي کانپوءِ جاري ڪري.حڪم نامي موجب 17 جولاءِ تي ننڍيون چونڊون اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب ڪرايون وڃن، جن تڪن ۾ ننڍيون چونڊون ٿيڻيون آهن، اتي ترقياتي اسڪيم يا منصوبو شروع نه ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن، رياستي ادارا، وفاقي، صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ سياسي جماعتون چونڊن جي ضابطن تي سختي سان عمل ڪن، ڪا به رياستي مشينري، ايجنسي يا فرد ڪنهن کي هراسان يا چونڊن تي اثرانداز نه ٿيندو.عدالت جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ايوان جو ماحول خوشگوار رکڻ جي خاطري ڪرائي، اميد ته پرويز الاهي ۽ حمزا شهباز جي پرامن چونڊ جي خاطري تي عمل ٿيندو، ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻ تي تحريڪ انصاف، ن ليگ ۽ ق ليگ جا ٿورائتا آهيون، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪيس اڪلايو ٿو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں