59

عمران خان ملڪ خلاف ڳالهايو آهي، سپريم ڪورٽ وينداسين: اياز صادق

لاهور (م د) اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير اياز صادق چيو آهي ته توشا خانا ڪيس بابت عمران خان قومي اسيمبلي اسپيڪر وٽ ريفرنس جمع ٿي چڪو آهي، اسپيڪر 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز صادق چيو ته عمران خان ڪشمير جي حوالي سان ٽرمپ سان ڪهڙو واعدو پورو ڪيو؟ عمران خان ملڪ خلاف جيڪي ڳالهيون ڪيون، ان تي ان خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وينداسين.هن چيو ته عمران خان ڪرسي جي شوق ۾ بي اعتمادي کي دير جو شڪار ڪيو، ڪرسي جي هوس ۾ چيائين مان نه رهيس ته فوج تباهه ٿي ويندي، عمران خان وري سپهه سالار کي به نشانو بڻايو.سندس چوڻ هو ته عمران خان چين ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪيا، هاڻ انهن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، هي پاڪستان سان سچو هجي ها ته گئس جهڙا معاهدا ڪري ها، عمران خان توشا خانا کي صفا صاف ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں