50

پرامن احتجاج ڪري حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ جي تشريح جو انتظار آهي.ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڇا اسان کي پرامن احتجاج جو حق آهي؟ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تشريح جا منتظر آهيون، جيئن ئي عدالت کان تشريح اچي ٿي، پارٽي اڳواڻ عمران خان جو سڏ به ايندو، پرامن احتجاج ڪري حڪمرانن کي گهر ڇڏي اينداسين، حمزا شهباز جي ڪرسي بچائڻ لاءِ نظام کي داءَ تي لڳايو ويو آهي.هن چيو ته عمران خان آچر تي لاهور ۽ 14 جولاءِ تي ملتان جو دورو ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں