55

وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، موڪلن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏني آهي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ جون 5 موڪلون هونديون، جمعو 8 جولاءِ کان اڱارو 12 جولاءِ تائين موڪل هوندي.ان کان اڳ ڪابينا ڊويزن عيد لاءِ 3 موڪلن جي سمري موڪلي هئي، ڪابينا ڊويزن طرفان 10 کان 12 جولاءِ تائين عيد جي موڪلن جي تجويز ڏني وئي هئي.واضح رهي ته ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جو پهريون ڏينهن 10 جولاءِ تي ملهايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں