64

عمران خان اليڪشن ايڪٽ ترميم سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ايڪٽ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي اپيل داخل ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ عزير ڪرامت ڀنڊاري ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاق، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت طرفان اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم کي چئلينج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم کي غير آئيني قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين اختيارين کي سمنڊ پار پاڪستانين کي ڏنل ووٽ جي سهولت جي فراهمي جو حڪم ڏئي، درخواست ۾ عدالت کي التجا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين اختيارين کي حڪم ڏنو وڃي ته عام چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني فراهم ڪيل سهولت ذريعي ووٽ ڏئي سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں