66

سرڪاري ايراضي تي قبضي جو الزام، بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ جو گهيرو تنگ

ساهيوال (م ڊ) سرڪاري ايراضي تي قبضي جي الزام ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ خلاف اينٽي ڪرپشن گهيرو تنگ ڪري ورتو.اينٽي ڪرپشن پنجاب احمد مجتبيٰ کي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ تي ديپالپور ۾ سرڪاري ايراضي تي قبضي جو الزام آهي.مٿس الزام آهي ته هن سرڪاري مارڪيٽ جي زمين غير قانوني طور ليز تي ڏني ۽ مارڪيٽ ڪميٽي چيئرمين ذريعي سرڪاري زمين تي قبضو ڪرايو، جنهن سان قومي ناڻي کي 20 ڪروڙن جو نقصان ٿيو.اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ديپالپور ۾ سرڪاري جاءِ تي قبضو ڪرائي دڪان اڏيا ويا.اينٽي ڪرپشن اختيارين بشريٰ بي بي جي ڀاءُ کي جاچ لاءِ 6 جولاءِ تي اينٽي ڪرپشن مرڪز ساهيوال ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں