65

ملڪ ۾ سياري لاءِ گئس ڪونهي، وفاقي سرڪار عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) پيٽروليم بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ سياري جي مند ۾ گئس بحران جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو.پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته حڪومت وٽ سياري لاءِ گئس موجود ناهي، اسان اڄ هيڏانهن هوڏانهن گئس ڳولي رهيا آهيون.هن چيو ته ايل اين جي ٽرمينلز موجود آهن پر گئس خريدي ئي نه ڪئي، ڇو ته ٻه سال اڳ چار ڊالرن تي گئس ملي رهي هئي، جيڪا هاڻ 40 ڊالرن تي پهچي وئي آهي.سندس چوڻ هو ته گذريل سالن ۾ هڪ سئو 70 ارب رپين جي ايل اين جي خريد ڪري گهريلو واهپيدارن کي فراهم ڪئي وئي.وفاقي وزير چيو ته اسان مختلف ملڪن تائين پهچي رهيا آهيون ته ڪنهن صورت ۾ گئس ملي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں