68

عمران خان اليڪشن ڪميشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي چيئرمين عمران خان طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجن اختيارن کان مٿانهان قدم استعمال ڪري پارٽي جي عهدي تان هٽائڻ جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن مون کي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ غيرقانوني طور تي نوٽيس اماڻيو آهي. اليڪشن ڪميشن 7 ڊسمبر 2022 تي قانون خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آڏو پنهنجا مڪمل اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.
درخواست ۾ عدالت کان اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي اماڻيل نوٽيس کي معطل ڪرڻ ۽ حتمي ڪارروائي تائين اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں