67

پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2 مريض فوت، 14 جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد:پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 14 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
صحت بابت اداري(اين آءِ ايڇ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 5 هزار 126 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 22 ڄڻن جي رپورٽ مثبت رڪارڊ ٿي جڏهن ته مثبت ڪيسز جي شرح 0.43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ملڪ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ڪورونا وائرس جي پکيڙ گهٽ ٿي رهي هئي پر گذريل ڏينهن 2 مريض فوت ٿي ويا. اين آءِ ايڇ موجب 14 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي نئين قسم جي اچڻ جون خبرون سامهون آيون هيون جنهن جي صحت کاتي طرفان ترديد ڪئي وئي هئي. اين آءِ ايڇ موجب ڪورونا جي نئين قسم جو اڃان تائين ڪوبه ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. ملڪ ۾ ڪورونا جي نئين قسم کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان انتظام مڪمل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں