67

ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو: احسن اقبال

اسلام آباد: منصوبه بندي، ترقي ۽ اصلاحات بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مشڪل حالتن باوجود معيشت کي اڳيان کڻي وڃي رهيا آهيون. ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو.
وفاقي وزير احسن اقبال منصوبه بندي، ۽ ترقي واري وزارت ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ملازمن کي شيلڊون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان کي توانائي بچت پاليسي تي عمل ڪندي غير ضروري خرچن کي روڪڻو پوندو. 2013 ۾ حڪومت سنڀالي ته تمام گهڻن چئلينجن کي منهن ڏنو هو. 2013 ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عروج تي هئي.

احسن اقبال چيو ته گذريل حڪومت فنڊز جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب منصوبا مڪمل نه ٿيا ۽ منصوبن جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو. ملازمن کي بهتر ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏيڻ جو مقصد انهن جي ڪارڪردگي کي مڃڻ آهي. ڪنهن به ڪامياب نظام کي هلائڻ جي لاءِ سزا ۽ جزا ضروري آهي. بهتر ڪارڪردگي وارن ملازمن جي حوصله افزائي ضروري آهي.

وفاقي وزير چيو ته ملازمن کي بهتر ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏيڻ جو مقصد انهن جي ڪارڪردگي کي مڃڻ آهي. ڪنهن به ڪامياب نظام کي هلائڻ جي لاءِ سزا ۽ جزا ضروري آهي. 18-2017 ۾ سوچيو هو ته ڪهڙو نئون منصوبو شروع ڪيو وڃي. اڄ سوچيون ٿا ته ڪهڙن منصوبن جا فنڊ ڪاٽيون.
احسن اقبال چيو ته 4 سالن کان پوءِ اسان کي بحران جو شڪار معيشت ورثي ۾ ملي. 75 سالن ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته آخري ڪجهه مهينن ۾ ترقياتي بجيٽ جاري ڪرڻ لاءِ پئسا نه هجن. 2018 جي مقابلي ۾ ترقياتي بجيٽ ڊبل ٿيڻ بجاءِ اڌ رهجي ويو آهي. سڀني کي محنت ڪري پاڪستان کي اڳيان کڻي وڃڻو آهي.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني قوم ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي. محنت ڪئي وڃي ته پاڪستان کي ٽرن ارائونڊ ڪري سگهون ٿا. هن وقت ڪوبه دشمن پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون ڳالهيون نه پيو ڪري. پر اندر کان اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مالي بحران ۾ وسيلن کي ضايع ٿيڻ کان به روڪڻو پوندو. توانائي جي بچت جي حوالي سان بجلي جي غير ضروري استعمال ۽ پيٽرول جي کوٽ تي قابو ڪرڻو پوندو.
وفاقي وزير چيو ته سمورن ڪيڊرز جي ٽوٽل 21 آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگي تي تعريفي سرٽيڪيٽن سان نوازيو ويو جنهن ۾ روڪ انعام به شامل آهي. هن ملازمن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ڪن۽ پنهنجي ڪم کي هڪ مشن جي طور تي اڳيان کڻي هلن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں