66

ارشد شريف جي پاڪستان مان نڪري وڃڻ وارن سببن جي جاچ ڪئي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ارشد قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ارشد شريف جي موت نه صرف انساني حقن جو معاملو آهي پر وحشياڻو قتل هو ان جي پاڪستان مان وڃڻ وارن سببن جي جاچ ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب، ارشد قتل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسپيشل جي آءِ ٽي 41 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن. جاچ ڪينيا، يو اي اي ۽ پاڪستان سميت 3 حصن تي ٻڌل آهي. جي آءِ ٽي کي به هاڻ جاچ جي لاءِ ڪينيا وڃڻو آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجازالاحسن چيو ته جاچ جا 3 حصا آهن. هڪ پاڪستان، ٻئي دبئي ۽ ٽئين ڪينيا. ڇا فيز ون جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي؟ عامر رحمان ٻڌايو ته فيز ون جي گهڻي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. عدالت پڇيو ته ڇا جاچ مڪمل ٿيڻ جو ڪو ٽائيم فريم مقرر ڪيو ويو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ جو ٽائيم لائن ڏيڻ مشڪل هوندو. دبئي ۾ جاچ کان پوءِ اسپيشل جي آءِ ٽي 15 جنوري تي ڪينيا رواني ٿيندي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا امڪان آهي ته جاچ ۾ گڏيل قومن کي شامل ڪيو وڃي. ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ضرورت پوندي ته اهو به آپشن موجود آهي.
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ناهيون ڪري رهيا. عدالت جي آءِ کي جاچ جي لاءِ آزادي ڏئي رهي آهي. ارشد شريف قتل جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو ته عدالت ان ۾ تمام گهڻي سنجيده آهي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته حڪومت قانوني مدد جو خط لکڻ ۾ دير ڪئي آهي. ارشد شريف جي موت نه صرف انساني حقن جو معاملو آهي پر اهو وحشياڻو قتل هو، ان جي پاڪستان مان وڃڻ وارن سببن جي جاچ ڪئي وڃي. ارشد جا ڪجهه ڊيجيٽل آلات آهن جيڪي اڃان تائين ناهن مليا. ڇا جي آءِ ٽي کي اها خبر پئي ته اهي آلات ڪٿي آهن؟ خبر وٺو ته اهي ڊيجيل آلات ڪينين پوليس، انٽيلجنس يا ان ٻن ڀائرن وٽ آهن؟ ارشد شريف قتل جي آءِ ٽي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.
جسٽس اعجاز چيو ته گڏيل قومن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت سان ڳالهايو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي فيبروري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں