94

لکي مروت ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا

لکي مروت ۾ سي ٽي ڊي ڊايوالا جي علائقي ۾ مقابلي دوران 6 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.
سي ٽي ڊي موجب لکي مروت جي علائقي ڊايوالا ۾ دهشتگردين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جتي دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن کان پوءِ جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب دهشتگرد پوليس چوڪي عباسيه تي حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. سندن قبصي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں