97

اسان کي بالي ووڊ فلمن جي نمائش سان ڪو فرق نه ٿو پوي: ماهره خان

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته عيد تي هڪ کان وڌيڪ فلمون رليز ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ڇو ته ان سان عوام وٽ چوائس هوندي آهي ته اهو ڇا ڏسڻ چاهي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ماهره خان چيو ته اسان کي بالي ووڊ فلمن جي پاڪستاني سينيمائن ۾ نمائش سان ڪو فرق نه ٿو پوي، ڇو ته اسان جي خواهش آهي ته ماڻهو گهرن مان نڪرن ۽ سينيما اچي فلمون ڏسن، سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان اداڪاره چيو ته ڳالهائڻ جي آزادي سڀني کي هجڻ گهرجي، پر جيڪي تنقيد ڪندا آهن، اهي جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي پنهنجو اصل نالو، اصل تصوير ۽ سڃاڻپ واضح ڪري ايئن ڪن ته ڪنهن کي خراب نه لڳندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں