192

فلم انڊسٽري جي بحاليءَ لاءِ تربيت يافته ماڻهن کي اڳتي آڻڻو پوندو: زارا شيخ

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره زارا شيخ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ تعليم ۽ تربيت يافته ماڻهن کي اڳتي آڻڻو پوندو، هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي زارا شيخ چيو ته فلم انڊسٽري جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ جيستائين تعليم يافته ماڻهن کي اگتي نه آندو ويندو، تيستائين انڊسٽري جون حالتون بهتر نه ٿيون بڻائي سگهجن، هن چيو ته اسان ماڻهن کي صرف ڳالهيون ڪرڻ جي حد تائين مصروف نظر ايندا آهيون پر عملي طور تي ڪجهه ناهيون ڪندا، جيڪڏهن اسان فلم انڊسٽري جي بهتري لاءِ خلوص نيت سان قدم کڻون ته انڊسٽري جون حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں