43

گيس جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ باوجود بدترين لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  گهريلو صارفين جي لاءِ گيس جي قيمت ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

حڪومت پهرين نومبر کان گيس جي قيمتن ۾ تقريبن 200 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي هئي جنهن جي ڪري صارفين کي ڳرا بل وصول ٿي رهيا آهن. گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ شهرين جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

نومبر ۾ قيمتن ۾ 200 سيڪڙو واڌ کان پوءِ رڪارڊ وڌيل بل ڏسي عوام جون رڙيون نڪري ويون، صارفين چيو آهي ته گذريل مهينن ۽ سال جي نسبت بلن ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي.

صارفين جو چوڻ آهي ته پهريان بجلي جي قيمتن زندگي مشڪل ڪري رکي هئي هاڻ رهيل ڪسر گيس جي بلن پوري ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں