44

حماد اظهر ۽ صنم جاويد جا نامزدگي فارم رد، چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد:   تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر ۽ ڪارڪن صنم جاويد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. ايپليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس طارق نديم ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو بحال رکندي اين اي 129 تان حماد اظهر جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

ان کان علاوه لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايپليٽ ٽربيونل صنم جاويد جا تڪ اين اي 119 ۽ 120 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيلون رد ڪري ڇڏيون.

ياد رهي ته صنم جاويد جيل مان چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪندي اين اي 119 ۽ 120 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. هن مريم نواز جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں