44

عمران خان جا اين اي 89 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ باني عمران خان جا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 89 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس چوڌري عبدالعزيز فيصلو محفوظ ڪيو. پي ٽي آءِ باني جي چونڊ وڙهڻ جي قسمت جو فيصلو 10 جنوري جي صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو.

بيرسٽر علي ظفر اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو. هن استدعا ڪئي ته ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عمران خان جي وڪيل چيو ته آر او اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته معاملو مورل ٽرپيٽيوٽ جو آهي يا نه. ڪوبه شخص اهل آهي يا نااهل ان جي لاءِ شاهديون گهرجن. تحريڪ انصاف چيئرمين جي معاملي ۾ آر او جي فيصلي ۾ اهڙو ڪجهه نه هو. 2018 ۾ خواجه محمد آصف ڪيس جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو.

ٽربيونل چيو ته خواجه محمد آصف ڪيس ۾ پگهار جو ذڪر هو، توشه خانه مان جيڪي شيون ورتيون ويون ڇا انهن جا تفصيل ڏنا ويا؟ اسان هتي توشه خانه ڪيس جي ميرٽ تي نه پيا ڳالهايون جيڪي پئسا توشه خانه جون شيون وڪرو ڪري حاصل ڪيا ويا اهي ٻڌايا ويا هئا؟

ڊي جي لا  دليلن ۾چيو ته ريٽرننگ آفيسر کي سرسري ٻڌڻي ڪرڻي هوندي آهي. جوابدار سزا يافته هجي ته چونڊ نٿو وڙهي سگهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي نااهل قرار ڏنو آهي. سزا ختم نه ڪئي آهي اها برقرار آهي.

ڊي جي لا چيو ته ريٽرننگ آفيسر قانون موجب ڪاغذ رد ڪيا ان لاءِ استدعا آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل رد ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں