38

پاڪستاني عوام جي پريشانين جو احساس رائيونڊ وارن سميت ڪنهن کي به نه آهي: بلاول ڀٽو

ڊيره اسماعيل خان: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي اهڙو نظريو ۽ منشور گهرجي جنهن سان انهن جي تڪليفن ۾ گهٽتائي اچي سگهي. پر پاڪستان جي پريشانين جو احساس رائونڊ وارن سميت ڪنهن کي به نه آهي.

ڊيره اسماعيل خان جي حق نواز پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بهترين استقبال تي ڊيرا اسماعيل خان جي عوام جو ٿورائتو آهيان. منهنجو ۽ ڊيرا اسماعيل جي عوام جو رشتو ڪافي پراڻو آهي. ڊيره اسماعيل خان جي عوام هميشه محبت سان استقبال ڪيو. هن چيو ته اڄ ڊيره اسماعيل خان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. چونڊن جي سلسلي ۾ هتي آيو آهيان ۽ بهادر وفادار ڀائرن جي سامهون بيٺل آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پ پ کان علاوه ٻيون پارٽيون اشرافيه جي نمائندگي ڪنديون آهن پر پيپلز پارٽي 3 نسلن کان عوام جي نمائندگي ڪندي رهي آهي ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي اهڙو نظريو ۽ منشور گهرجي جنهن سان انهن جي تڪليفن ۾ گهٽتائي اچي پر پاڪستان جي عوام کي پريشانين جو احساس رائيونڊ وارن سميت ڪنهن کي به نه آهي.

هن چيو ته جن دهشتگردن کي قربانيون ڏئي شڪست ڏني هئي اهي ٻيهر سامهون اچي رهيا آهن اسان هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته قائد عوام ساڳئي تڪ تان چونڊ وڙهيو هو هاڻ ڪوبه بهانو نه رهيو آهي. 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن، انشاءَالله 8 فيبروري تي ڊيره اسماعيل خان ۾ تيرن جي برسات ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں