42

مچ ۾ پابندي مڙهيل بي ايل اي جو حملو ناڪام، سمورا 7 دهشتگرد مارجي ويا، ڪليئرنس آپريشن جاري

ڪوئٽه: بلوچستان جي علائقي بولان ۾ مچ جيل سميت 3 هنڌن تي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي حملو ڪري ڏنو جوابي ڪارروائي ۾ سمورا 7 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي فائرنگ سبب ريلوي پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب بولان جي علائقي مچ ۾ پهاڙن مان پابندي مڙهيل تنظيم جي ويڙهاڪن ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا  فائرنگ جا آواز پري پري تائين ٻڌا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته بولان جي گهٽ ۾ گهٽ 3 هنڌن تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ مچ جيل، ريلوي اسٽيشن ۽ ليويز ٿاڻو شامل آهي.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪن ۽ فائرنگ سبب شهري خوف جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته علائقي جي بجلي به اوچتو بند ٿي وئي هئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب هڪ حملو مچ جيل تي به ڪيو ويو. بي ايل ايل جي دهشتگردن جي فائرنگ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بنائي ڇڏيو.  فورسز کي اڳ ئي دهشتگردن جي حملي جي اطلاع ملي وئي هئي جنهن کان پوءِ اهلڪارن منصوبه بندي تيار ڪري ورتي هئي.

رپورٽون سامهون آيون آهن ته دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي طرفان وقت تي جواب ڏيڻ جي نتيجي ۾ وائڙا ٿي ويا جنهن دوران سمورا 7 دهشتگرد مارجي ويا جنهن جي بلوچستان جي حڪومت به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٽنهي واقعن ۾ گڏيل طور تي 13 شهري به زخمي ٿيا.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ اطلاعات بابت نگران وزير جان اچڪزئي چيو ته بولان جي علائقي مچ آپريشن ۾ سمورا 7 دهشتگرد مارجي ويا.  مچ ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ علائقي ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. انڊين ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جي باجود دشمنن جو ناپاڪ منصوبو ناڪام ٿي ويو.

بلوچستان جي نگران گهرو وزير مچ جيل تي دهشتگردن طرفان حملن جي مذمت ڪندي سيڪيورٽي ادارن کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. نگران گهرو وزير مير زبير جمالي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. واقعي ۾ جيڪي به سهولتڪار يا ملوث هوندا انهن سڀني جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪيورٽي فورسز  ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. حملي جي مذمت ڪريان ٿو. فورسز ۽ عوام جي سلامتي ۽ فلاح بهبود جي لاءِ دعاگو آهيان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں