96

دعا زهرا جي ميڊيڪل ڪرائڻ جي درخواست رد، ڇوڪريءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور/ڪراچي (م ڊ) لاهور جي عدالت ڪراچي مان گم ٿيل دعا زهرا جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ داخل طبي درخواست رد ڪري ڇڏي ، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪراچي پوليس جي جاچ آفيسر دعا زهرا جي عمر طئي ڪرڻ لاءِ طبي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي چيو ته دعا زهرا جي اجازت کانسواءِ طبي معائنو جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي. عدالت عدم تعميل جي بنياد تي دعا زهرا جي پيءُ ۽ ڪزن خلاف استغاثه کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. دعا زهرا پنهنجي پيءُ ۽ ڪزن تي کيس اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو هو ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا زهرا جي مبينا اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت دعا جي پيش نه ٿيڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇوڪري ڪٿي آهي؟ جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ايڊريس تي ڇوڪري نه ملي هئي ۽ دعا زهرا کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. جاچ آفيسر جي جواب ۾ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گرفتاري ناهي ٿي، اسان ڇوڪريءَ کي فون ڪيو آهي، ڇوڪري پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهي پر پوليس کيس نه پئي ڳولي، مطلب ته ڪجهه غلط آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪندي دعا زهرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں